سومرو اڪبر حيدر

سومرو اڪبر حيدر

اڪبر حيدر سومرو

اڪبر حيدر سومرو : پروفيسر ڊاڪٽر اڪبر حيدر سومري 18 سيپٽمبر 1947ع تي لاڙڪاڻي ۾ غلام حيدر سومري جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد روينيو کاتي ۾ سپروائيزر جي عهدي تي فائز هو. هن پرائمري تعليم شاهه محمد اسڪول مان ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1962ع ڪئي. ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان 1980ع ۾ حاصل ڪيائين. تنهن کانسواءِ 1973ع ڌاري اکين جي شعبي ۾ ٽريننگ CPSP حيدرآباد مان ڪيائين، جڏهن ته ايف. آءِ. سي جي ڊگري 1985ع ۾ حاصل ڪيائين. 1987ع ۾ آمريڪا جي هڪ يونيورسٽيءَ کيس اعزازي ڊگري پڻ ڏني. هن ڪولمبو يونيورسٽيءَ مان 1991ع ۾ ڊاڪٽوريٽ آف سائنسز جي اهم ڊگري حاصل ڪئي. انهيءَ سان گڏوگڏ پاڻ ڪميونٽي اورينٽيڊ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس نيڌرلينڊس جي ميمبرشپ به ماڻي چڪو آهي. ان کان سواءِ 1996ع ۾ رائل ڪاليج آف لنڊن جي ميمبرشپ ۽ آمريڪا جي ميڊيڪل اڪيڊميءَ پاران فيلوشپ جو اعزاز پڻ حاصل ڪري چڪو آهي. اڪبر حيدر سومري نوڪريءَ جي شروعات 1970ع ۾ ميڊيڪل آفيسر (سکر) طور ڪئي. 1975ع ۾ نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. 1976ع ۾ کيس بدلي ڪري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ رکيو ويو، جتي 1982ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ 1985ع ۾ پرنسپل چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مقرر ڪيو ويو. اڪبر سومرو جڏهن چانڊڪا ۾ آيو هو ته اتان جو ماحول گهڻو خراب ٿي چڪو هو، ڇو ته ان وقت پروفيسرن کي شاگردن اغوا ڪيو هو ۽ سي. آءِ. اي تمام گهڻي سرگرم هئي. ان جي باوجود هن پنهنجي صلاحيتن سان ماحول کي بهتر بنايو ۽ ٽن پوسٽن ايم. ايس، پرنسپال ۽ پروفيسر طور ڪاليج ۾ 1985ع کان 1997ع تائين لڳاتار ٻارهن سال ڪم ڪري پاڪستان جي سمورن ڪاليجن جي سڀ کان گهڻو عرصو پرنسپال جي عهدي تي ڪم ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيائين. سندس نالو عالمي رڪارڊ واري گنيز بڪ توڙي Who is Who ورلڊ رڪارڊ آمريڪن مارڪئس ڪتاب ۾ پڻ شامل ڪيو ويو آهي. اڪبر حيدر سومرو فقير منش طور انسانيت جي خدمت پنهنجو فرض سمجهي ٿو. اڪبر حيدر سومري پرنسپال طور 12 سال ۽ اعزازي ڊائريڪٽر پاڪستان ميڊيڪل ريسرچ ڪائونسل جو ايم. سي آفيسر طور چار سال ڪم ڪري پاڻ مڃايو آهي. ان کانسواءِ ايم. ايس، ايل. ايم. سي اسپتال حيدرآباد جي عهدي تي به ذميواريون نڀائي چڪو آهي. ان بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو پڻ ڪافي عرصي تائين ميمبر رهيو، جنهن دوران ئي کيس شاندار ڪارڪردگيءَ سبب شهيد محترمه بينظير ڀٽو يونيورسٽيءَ لاڙڪاڻي جو وائس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي، جتي پاڻ نهايت احسن نموني فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي. پروفيسر اڪبر حيدر جي شخصيت گهڻ پاسائين آهي. ڊاڪٽر هوندي به ورسٽائيل شخصيت آهي، ڇاڪاڻ ته ادب، ثقافت ۽ فن سان سندس دلچسپي تمام گهڻي رهي آهي. کيس خدمتن جي مڃتا طور تمام گهڻا اوارڊ ۽ اعزاز ملي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.09.18  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر اڪبر حيدر سومري 18 سيپٽمبر 1947ع تي لاڙڪاڻي ۾ غلام حيدر سومري جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايوب انصاري حضرت
زبيده قادري آپا
عبدي مولوي عبدالقادر
ڀڳت ٽهليارام
اين جي مجمدار
ڀلوُ
انيتا غلام علي
حسن اي شيخ
هوت خان رند
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون